ڄام ابراهيم سمو

ڄام ابراهيم سمو: هيءُ سما سلطنت جي درٻار جو اهم امير ٿي گذريو آهي. جڏهن ڄام نظام الدين سمو سنڌ جو حاڪم ٿيو ته هن سنڌ ۾ اڳوڻي نظام کي ختم ڪري بهتر نظام قائم ڪيو، جنهن سبب ڄام ابراهيم کي جلاوطن ڪيو ويو. غلام محمد لاکو پنهنجي ڪتاب ’سمن جي سلطنت‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڄام سنجر کانپوءِ ڄام نظام الدين سمو سنڌ جو حاڪم ٿيو. جيڪو ڄام نندي جي نالي سان پڻ مشهور آهي. سندس ٻن ڀائرن جي ذڪر ۾ مولائي شيدائيءَ انهن جا نالا ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد لکيا آهن. ليڪن هي درست ڪونهي. ڄام ابراهيم سنڌ جي درٻار جو امير هو. سندس شاهي خاندان سان ڪو به واسطو نه هو. ڄام نظام الدين (ڄام نندي) سنڌ جو بادشاهه ٿيڻ شرط هر طرح جي ابتري ختم ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو، جنهنڪري ڄام ابراهيم ملتان طرف جلاوطن ٿيو، جتي سلطان حسين لانگاهه کيس جاگيرون ۽ اهم عهدا ڏنا. ان جي باوجود ڄام نندي ۽ سلطان حسين لانگاهه ۾ سٺا تعلقات برقرار رهيا. سنڌ مان جلاوطن ٿيڻ بعد ڄام ابراهيم ملتان ۽ اُچ ۾ مدرسن جو بنياد رکي عالمن ۽ اديبن جي سرپرستي ڪئي. (حوالو: سمن جي سلطنت- ڊاڪٽر غلام محمد لاکو)


هن صفحي کي شيئر ڪريو